مٺي: دودو ڀيل ڪيس جا 2 مک جوابدار عدالت ۾ پيش ،ڪورٽ لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو

جهانگرو پوليس دودو ڀيل قتل ڪيس جي 2 جوابدارن سيڪورٽي انچارچ ڪمانڊر ڪاشف ۽ گارڊ قمر رضا کي پورهيت صديق راهمون کي قيد رکڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڌيڻ واري ڪيس ۾ مٺي جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ڪيس جي پيروي نامياري وڪيل غلام مصطفىٰ هنگورجو ڪئي،پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ بعد سنڌ اينگرو ڪمپني جي سيڪورٽي انچارچ ڪمانڊر ڪاشف ۽ قمر رضا کي جوڊيشنل مئجسٽريٽ 3 مٺي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،پوليس جوابدارن جي رمانڊ لاءِ درخواست ڪئي،اينگرو ڪمپني جي سيڪورٽي انچارچ ۽ ٻين خلاف دودو ڀيل قتل سميت 3 ڌار ڌار ڪيس داخل ٿيل آهن،جوابدار 2 ڪيسن مان حفاظتي ضمانت ڪرائي چڪا، ،مٺي جي عدالت کين جوڊيشنل لاڪ اپ تي روانو ڪري ڇڏيو،جوڊيشنل مئجسٽريٽ ٿري مٺي جي عدالت جوابدارن کي پوليس رمانڊ نه ڏنو،کين سب جيل اماڻي ڇڏيو، جوابدارن ڪاشف ڪمانڊر ۽ قمر عباس سان صحافين پاران ڳالھ ٻولھ جي ڪوشش ڪئي  وئي پر هنن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جوابدارن چيو ته معاملي بابت الله پاڪ بهتر ڄاڻي ٿو،اسان جو فيصلو به اُن تي آهي،ايڊووڪيٽ غلام مصطفىٰ هنگورجو چيو ته ،صديق راهمون پاران داخل ڪرايل ڪيس مون وٽ آهي،اُنهي ڪيس ۾ پوليس مُک جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.