بدين، ميهڙ، ڪشمور، مانجهند ۽ خانپور مهر جون خبرون

بدين:گهر ۾ داخل ٿي تشدد ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس نه ٿيو، متاثر جون دانهون

ميهڙ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي

ڪشمور ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جون ڌار ڌار ريليون

مانجهند ڀرسان وين  ڪلٽي، هڪ ئي خاندان جا 10 ڀاتي زخمي

خانپور مهر: ماتا صاحب جي سالياني ميلي جون تقريبون  اڄ کان شروع

بدين جي علائقي کوسڪي ۾  ٻه مھينا اڳ سماجي اڳواڻ عبدالواھاب لنڊ جي گھر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ معصوم ٻارن کي مارڪٽ ڪرڻ ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه ٿيو، سماجي اڳواڻ عبدالوھاب لنڊ ايوان صحافت بدين پھچي دانھيندي چيو ته جوابدار عبدالغفار . عبدالستار .عبدالرزاق عرف لنڊ گھر اندر داخل ٿي ٻارن تي سخت تشددت ڪيو جنهن جي رپورٽ کوسڪي ٿاڻي تي داخل ڪرائي پر پوليس ڪو قدم نه کنيو،  ھن ايس ايس پي بدين ۽ ايس ايس پي عمر ڪوٽ کي انصاف جي اپيل ڪندي ڏوھاري خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي

2

ميهڙ ۾ ڪوئيٽا کان سبزي ۽ فروٽ کڻي ايندڙ مزدا ڊرائيور الهجڙيو، ولد ولي محمد، رحمت الله، ولد ولي محمد، ۽ ميهڙ ۾ گڏھ گاڏي تي مزدوري ڪندڙ اياز کونهارو ۾ جهيڙو ٿي پيو  جنهن بعد  دعا ميڊيڪل سينٽر اڳيان لٺين  ۽ ڏنڊن سان حملو ۽ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن دورارن 2 ڄڻا الهجڙيو ۽ رحمت الله ولد ولي محمد زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تعلقه اسپتال ميهڙ پهچايو ويو ، مزدا مالڪن ۽ زخمي ڊرائيورن پاران ميهڙ ٿاڻي تي اياز کونهارو ۽ ٻين نامعلوم جوابدارن خلاف  اين سي داخل ڪرائي وئي.

3

ڪشمور ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جون ڌار ڌار ريليون ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ آبادگارن زرعي پاڻي کوٽ خلاف سردارو روڊ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي آرڊي 45 پل کان ڪي ڪي فيڊر مان پاڻي حاصل ڪندڙ آبادگارن علي داد مزاري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو، ان موقعي تي اڳواڻن حاجي علي داد مزاري محمد حسين مزاري عوامي ورڪر پارٽي ڪارڪنن عبدالحميد کوسو ، محمد علي کوسو ، ۽ ٻين چيو ته ڪشمور مائينر اڏيو واھ مراد واھ ڪشمور ڊيزرٽ ڪي ڪي واھ  ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن جي معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي.

4

مانجهند ڀرسان ڳوٺ راڄڙي  ۾  انڊس هاء وي تي چنگچي رڪشا کي بچائيندي وين ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽  ٻارڙن سميت هڪ ئي خاندان جا 10 ڀاتي زخمي ٿي پيا،  وين ۾ سوارخاندان زيارت لاء  ڪراچي کان سيوھڻ طرف وڃي رهيو هو ته مانجهند کان خاڻوٺ طرف ويندڙ چنگچي رڪشا سامهون ٿيڻ تي وين  کيس بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي،  ايمبولنس نه پهچڻ سبب  زخمين کي واٽھڙن گاڏيون ڪرائي  ڄامشورو جي اسپتال ڏانهن پهچايو .

5

شداڻي درٻار صاحب خانپور مھر ۾ ماتا صاحب جي سالياني ميلي جون تقريبون  اڄ کان شروع ٿي ويون ، ميلي جون تقريبون ٽي ڏينھن جاري رھنديون ، ڪيترائي عقيدت مند ۽ پوئلڳ شداڻي درٻار پھچي ويا ، ميلي جي شروعات ھون يگيا ۽ ڌارمڪ گرنٿ صاحبن جي اکنڊ پاٺ صاحب سان ٿيندي ، ميلي ۾ ستسنگ ڪيرتن ۽ ڀڳتي پوجا ٽيئي ڏينھن جاري رھندي ، ميلي ۾ ماتا صاحب منڊل جا ڌارمڪ پروگرام ۽ ٽيبلوز  پڻ پيش ڪيا ويندا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.