عزير بلوچ وڌيڪ ٻن ڪيسن مان بري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)عدالت لياري گينگ وار جي مک اڳواڻ عزير بلوچ کي وڌيڪ ٻن ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو.

ڪراچي جي جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ لياري گينگ واري جي مک اڳواڻ عزير بلوچ کي شاهديون نه هجڻ جي بنياد تي وڌيڪ ٻن ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب لياري گينگ جي اڳواڻ عزير بلوچ تي پوليس مقابلي ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جو الزام هو.

پوليس ٻڌايو ته عزير بلوچ خلاف ڪلاڪوٽ ۽ بغدادي ٿاڻن تي 2012 ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، انهن ڪيسن ۾ ٽي جوابدار اڳ ۾ ئي بري ٿي چڪا آهن، جڏهن ته عزير بلوچ 68 ڪيسن مان 17 ۾ بري ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.