اهڙيون چونڊون ڪرائينداسين جو اپوزيشن به شڪست قبول ڪندي: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اهڙيون چونڊون ڪرائينداسين جو اپوزيشن به شڪست قبول ڪندي.

اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسلام آباد جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، آبادي وڌڻ جي ڪري ساوڪ ختم ٿي رهي آهي ۽ اڏاوتون پکڙجي رهيون آهن، اسلام آباد جو نئون ماسٽر پلان آڻڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته زمينن جا اگهه وڌي رهيا آهن ۽ قبضا مافيا به سرگرم آهي، قبضا مافيائن خلاف ڪارروائيون ٿين ٿيون ته وري ضمانتون ڪرائي واپس اچي ٿا وڃن، اسلام آباد ۾ وڻ سولائي سان ڦُٽندا آهن، انڪري اسان کي اسلام آباد ۾ ٻيلا وڌائڻا آهن ۽ مثال قائم ڪرڻو آهي.

ان کان اڳ نادرا وراثتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت جو ڪم ماڻهن لاءِ سولائيون پيدا ڪرڻ آهي، اسان کي ٽيڪنالاجي جي استعمال سان عوام لاءِ سولائيون پيدا ڪرڻ گهرجن، پهريون ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي وراثتي سرٽيفڪيٽن لاءِ پاڪستان اچڻو پوندو هو، هاڻي سمنڊ پار پاڪستاني ٻاهرين ملڪن ۾ ئي بائيو ميٽرڪ تصديق ذريعي سندون ماڻي سگهن ٿا.

هن چيو ته نادرا جي چيئرمين مان اميد آهي ته عوام لاءِ هر ممڪن سولائيون پيدا ڪندو، آن لائين نظام ذريعي زمينن جو رڪارڊ به محفوظ بڻائي سگهجي ٿو،  لينڊ رجسٽري ۽ ٻين رڪارڊن جا فائل گم ڪيا يا وري ساڙيا ويندا هئا، پيپر ليس نظام فراڊ کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي.

سندس چوڻ هو ته هن وقت 90 لک پاڪستاني ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا، سمنڊ پار پاڪستانين جي سهڪار سان ملڪ هلندو آهي، ڪوشش آهي ته اي ووٽنگ سان ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهن، پولنگ ختم ٿيڻ ۽ نتيجن دوران ڌانڌلي ٿيندي آهي، اي وي ايم ڌانڌلي کي ختم ڪندي، اهڙيون چونڊون ڪرائينداسين جو اپوزيشن به شڪست قبول ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.