ڪو به ماءُ جو پٽ اسان جي اجازت بنا خطي ۾ ڪجهه نٿو ڪري سگهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته دنيا ۾ ڪو به ماءُ جو پُٽ اهڙو ناهي، جيڪو اسان کان بنا پڇا جي خطي ۾ ڪجهه ڪري سگهي.

اسلام آباد ۾ لا افيئرز اينڊ پاڪستان ڪانفرنس سان خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته اسان جي ملڪ جو نظام دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال موجب اڳتي نٿو وڌي، جيستائين پنهنجو پاڻ کي جدت طرف نه آڻينداسين تيستائين اڳتي نٿا وڌي سگهون.

هن چيو ته پاڪستان بار ڪائونسل ان ڳالهه تي هڙتال ڪئي ته سينارٽي جي بنياد تي جج مقرر ناهي ٿيو، سينارٽي ڇا هوندي آهي؟ سينارٽي اصل ۾ قابليت هوندي آهي.

سندس چوڻ هو بار کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته اها بيوقوفاڻي ڳالهه آهي ته اسان کي ڦلاڻي کي کڻڻو آهي ڇو ته اهو سينيئر آهي، ججن جي عمر واري حد هيٺ ڪرڻ گهرجي، انهن کي 40 سالن جي عمر ۾ جج لڳايو وڃي ته جيئن اهي ڪم ته ڪري سگهن، هڪ ماڻهو جنهن کي ڪجهه اچي ئي نٿو ۽ اهو ويٺي ويٺي سينيئر ٿي وڃي ته ان کي جج ڪيئن مقرر ڪيون.

فواد چوڌري چيو ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ جي پاڪستان تي اثرن جو جائزو ئي نه ورتو، هاڻ آمريڪا افغانستان مان وڃي رهيو آهي ۽ اسان چئي رهيا آهيون ته معاملي کي حل ڪري وڃو، اسان دنيا جي پنجين وڏي قوم ۽ ستين وڏي ايٽمي طاقت آهيون، دنيا جو ڪو ماءُ جو پٽ اسان کان پڇڻ بنا خطي ۾ ڪجهه نٿو ڪري سگهي، اسان لاءِ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ڏکيو آهي پر ناممڪن ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.