سنڌ ۾ وري اسڪول، هوٽل ۽ تفريحي ماڳ بند

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ حڪومت ڪورونا وبا جي وڌندڙ ڪيسن ۾ نظر ۾ رکندي هڪ ڀيرو ٻيهر اسڪول، پارڪ ۽ هوٽل بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪووڊ ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن جي حوالي سان صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

صحت کاتي جي اختيارين پاران اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل ڏينهن 16262 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جن مان 1201 ڪيس سامهون آيا آهن، هن وقت 837 مريض مختلف اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن، گهڻي قدر مريض سرڪاري اسپتال ۾ داخل آهن.

سيڪريٽري صحت اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صوبي ۾ نئين ڪيسن جي شرح 7.4 سيڪڙو ٿي وئي آهي، ڪورونا جا ڪيس 5 سيڪڙو کان وڌن ته اها خطرناڪ صورتحال آهي.

صحت واري سيڪريٽري ڪاظم جتوئي اجلاس ۾ ٻڌايو ته 13 جولاءِ تي ڪراچي ۾ نئين ڪيسن جي شرح 17.11 سيڪڙو هئي، هفتيوار رپورٽ موجب ڪراچي اوڀر ۾ ڪيسن جي شرح 21 سيڪڙو، ڪراچي ڏکڻ ۾ 15 سيڪڙو، وچ ڪراچي ۾ 12 سيڪڙو ۽ ڪورنگي ۾ 8 سيڪڙو آهي.

اجلاس ۾ صوبي ۾ ڪورنا جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ سڄي سنڌ جي اسڪولن ۾ پهرئين درجي کان اٺين درجي تائين ڪلاس جمعي کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن نائين، ڏهين ۽ ان کان مٿي ڪلاسن لاءِ به رڳو امتحانن جي اجازت ڏني وئي آهي.

ڪووڊ ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته تفريحي ماڳ ۽ جمز وغيرا بند ڪيا ويندا.

سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.