پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ انگلش اسڪواڊ جو اعلان، وڏا نالا شامل

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ انگلش اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪپتان اين مورگن سميت 9 رانديگرن جي واپسي ٿي آهي.

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 16 جولاءِ کان ٿيندي ۽ ڪورونا سبب ون ڊي سيريز نه کيڏي سگهندڙ ڪپتان اين مورگن سميت 9 رانديگرن جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.

ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اعلانيل انگلش اسڪواڊ ۾ اين مورگن (ڪپتان)، معين علي، جوني بيئراسٽو، جيڪ بال، ٽام بنٽن، جوز بٽلر، ٽام ڪيوران، لوئس گريگوري، ڪرس جارڊن، ليام ليونگسٽن، ثاقب محمود، ڊيوڊ ملان، ميٽ پارڪنسن، عادل رشيد، جيسن راءِ ۽ ڊيوڊ ويلي شامل آهن.

واضح رهي ته انگلينڊ جي بي ٽيم ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان کي وائيٽ واش ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.