غوثپور ڀرسان ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو، فائرنگ

غوثپور (ن ع آ) غوثپور ڀرسان ڳوٺ ڳڙھي لاڙو واري علائقي ۾ اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان جھيڙو ٻيھر ڀڙڪي اٿيو۔  ٻنھي ڌرين جي ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائيرنگ جاري، پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي، متاثرن جو پريس ڪلپ آڏو احتجاج، علائقي ۾ خوف ۽ ڏھڪاء پکڙيل، وڌيڪ مليل معلومات موجب ڳڙھي لاڙو واري علائقي ۾ اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جنھن بعد ٻنھي ڌرين ۾ فائيرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو، فائيرنگ سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، فائرنگ جو سلسلو ھڪ ڪلاڪ تائين جاري رھيو پر پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي، ٻئي پاسي متاثر ڳوٺاڻن سراج احمد، وزير اوڳاھي ۽ ٻين جي اڳواڻي پريس ڪلب ۾ پھچي دانھيندي چيو ته گھنيو اوڳاھي خان محمد جان محمد ۽ ٻيا اسانجي گھرن ۽ زمين تي اچي فائيرنگ ڪئي آھي ۽ ڌمڪيون ڏين ٿا ته زمين خالي ڪرائي ان تي قبضو ڪرڻ جي لا۽ ھراس پکيڙي رھيا آھن، ھنن اھا به شڪايت ڪئي ته پوليس اطلاع باوجود واقعي واري ھنڌ نه پھتي اسان سان انصاف ڪيو وڃي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.