سکر ۾ گهر تي حملو، تشدد خلاف مظاهرو

سکر (رپورٽر) سکر الهه آباد ڪالوني جي رهواسين پاران گهر تي حملي ۽ تشدد ڪندڙ جوابدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پريس  ڪلب آڏو احتجاج ڪندي علي جان لولائي، مسمات لال خاتون، مسمات وزيران ۽ ٻين چيو ته بااثر جوابدار نثار، عمران ۽ ٻين گهر تي حملو ڪري عورتن ۽ مردن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، چوري جو ڪوڙو الزام لڳائي اسان کي پوليس جي معرفت حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.