ميهڙ ۾سيدپور شاخ جي کاٽي مڪمل نه ٿي، آبادگارن جو احتجاج

ميهڙ (رپورٽ : جميل مهيسر ) سيدپور شاخ جي کاٽي مڪمل نه ٿيڻ تي سيدپور شاخ جي آبادگارن طرفان دانهون اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ  جي گُهر، سيدپور شاخ جي آبادگارن جو چوڻ آهي ته گذريل 10 سالن کان اسان جي شاخ جي کاٽي نه ٿي سگهي آهي هر سال سيدپور شاخ جي کاٽي جا منظور ٿيل پئسا آبپاشي عملو ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪندو رهيو آهي، هن سال به سيدپور شاخ جي آبادگارن جي رڙين دانهن ۽ احتجاجن کان پوءِ کاٽي منظور ٿي آئي مشن به آئي ٻن ڏينهن کان پوءِ ايس ڊي او، داروغي جي ملي ڀڳت سبب اڌ کان مٿي رهيل کاٽي اڌ ۾ ڇڏي مشن ڪڍي هليا ويا سيدپور شاخ جا آبادگار وري ٻيهر دانهون ڪندا رهيا پر هنن طرفان ٺف جواب ڏنو ويو ته جيسين تڪ جو ايم پي اي عزيز جوڻيجو کي اپيل ٿا ڪريون ته رهيل کاٽي ڪرائي ڏني وڃي , هنن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هن سال به سيدپور شاخ جي کاٽي نه ٿي ته اسان مسڪينن ماڻهو ڪيڏانھن وينداسين اسان جي گذر سفر جو سڄو ذريعو انهن ئي زمينن تي آهي جيڪڏهن کاٽي نه ٿي ۽ پڇڙيءَ تائين پاڻي نه پهتو ته هر سال وانگر هن سال به اسان جون هزارين ايڪڙ زمينون غير آباد ٿي وينديون. هنن دانهيندي چيو ته اسان کي سيدپور شاخ جي مڪمل کاٽي ڪرائي پڇڙي تائين پاڻي پهچائي ڏنو وڃي…

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.