پکو ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج

پکو( رپورٽ: عبدالوحيد ميئو) پکو ۾ ڳوٺاڻن جو زرعي زمين تي قبضي ۽ گھر ڊاھڻ تي بااثرن سالار منڱڻ ، درمحمد ، ماجد منڱڻ ۽ پوليس  خلاف احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آھي ان ڏس ۾ ڳوٺ يار محمد مغيري واسي ڳوٺاڻن علي بخش مغيري، اميد علي، پنھل، منظور، شمن علي، خدابخش، حاجي تولو ، راھب، محرم، جاويد، عبدالنبي، وھاب، وزير علي، عمران ، صدام  مغيري ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته آھي ديھ گھوگھارو ۾ بااثر سالار منڱڻ جي زرعي زمين سروي نمبر 729 ۽ 730 آھي جنھن کي ھو وڌائي اسان جي زمين ۽ گھرن تي قبضو ڪرڻ ٿو چاھي ۽ ڪجهھ ڏينھن اڳ بااثر پوليس ساڻ ڪري پنھنجا ماڻھو وٺي اچي اسان جا رھائشي گھر ڊاھي اسان جي ٻن جريبن جي زرعي زمين تي قبضو ڪيو آھي جنھن جو نڪروچمينٽ پٽيشن اسان ڪورٽ ۾ درج ڪرايو ۽ ڪورٽ سڳوري اھڙي پٽيشن جي مدنظر روينيو کاتي کي حڪم جاري ڪيو ته زرعي زمين جي ماپ ڪري حقدارن کي حق ڏنو وڃي ۽ ماپ ۾ بااثر سالار منڱڻ جي قبضي ھيٺ انڪروچمينٽ جي ٻه جريب زمين ظاھر ٿي ۽ روينيو عملدارن پڻ ڳوٺاڻن جي حق ۾ فيصلو ڏنو پر بااثر مڃڻ کان انڪار ڪندي ڊي ايس پي قمبر سان ملي ڪري اسان جي گھرن تي پوليس موڪلي ھراسان ڪري رھيو آھي اھڙي شڪايت اسان ايس ايس پي کي ڏني جنھن ساڳئي ڊي ايس پي کي انڪوائري  آفيسر مقرر ڪيو ۽ ڊي ايس پي اسان کي پنھنجي آفيس گھرائي مختلف ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي اسان کان خالي ڪاغذن تي صحيح ورتي ۽ ڌمڪيون ڏيندي چيو ته زرعي زمين ڀااثر حوالي ڪيو ۽ ڪا به دانھن ڪوڪ نه ڪيو ڳوٺاڻن وڌيڪ دانھيون ته اسان پنھنجي زمين ۽ گھرن تي ورھين کان خانداني ويٺل آھيون پر بااثر سالار ، در محمد ۽ ماجد منڱڻ گھر ڊاھي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ ٿا چاھين ۽ بااثرن جو علائقي ۾ سياسي اثر رسوخ ھُجڻ ڪري پوليس ڪيس وٺڻ کان لنوائي رھي آھي اھڙي ظلم خلاف اسان ڪورٽ جو ٻيھر در کڙڪائينداسين ۽ انصاف ملڻ تائين احتجاج جاري رکنداسين آخر ۾ ڳوٺاڻن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته بااثرن ۽ ڊي ايس پي جي ظلم کان بچائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.