پنو عاقل ۾ بدامني، موٽر سائيڪل چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول

پنو عاقل ( رپورٽ: نور محمد سومرو ) پنو عاقل ۾ مهيني کان موٽر سائيڪلون چوري ۽ ڦر جون وارڌاتون وڌي ويونسماجي براين جي عام  ٿيڻ کانپوءِ جي يو آءِ، سونارا برادري، شھرين اديبن ۽ صحافين جي مسلسل احتجاجن کانپوءِ به بدامني ختم نه ٿي ۽ نه ئي ڏوھارين چورن ڦورون جو راڄ ختم ٿيو،اربع ڏينھن نادرا آفيس آڏو ھٿياربندن موٽرسائيڪل جا تالا ٽوڙي مسعود شيخ جي موٽرسائيڪل چورائي ويا،مھراڻ اسڪول لڳ شاھنواز دايو جي سي ڊي موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي، نامعلوم چورن عبدالحفيظ، عرفان چاچڙ،  شاھد بلو،عطا الله بلو،سليم ڪلھوڙو،سيف الله چاچڙ،ڀورل ڪلھوڙو،سميت 20 کان وڌيڪ شھرين جون موٽرسائيڪليون ڦر ۽ چوري ڪيون ويون آھن،ان ڏس ۾ سڄاڻ شھرين سياسي سماجي مذھبي اڳواڻن مولانا محمد صالح انڍڙ، حاجي عبدالحق چاچڙ، ايم اسحاق جسڪاڻي، ڪرم الدين چنو، قاري گل حسن لغاري، حافظ سليم الله انڍڙ،گلشن مھر،عبدالھادي شيخ،شفيق کوسو ۽ ٻين وزير اعليٰ ۽ آءِ جي سنڌ سميت وس وارن کان گھر ڪئي آھي ته ھتي امن امان بحال ڪرائي ٿيل ڦران چوريون واپس ڪرائي منشيات جوا ۽ فحاشيت جا اڏا فوري طور بند ڪرائي ڪرپٽ ڪامون کي ھٽايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.