ايوان صحافت بدين ۾آءِ ٽي حال جو افتتاح

بدين (رپورٽ : رازقڏنو کوسو ) ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا  شاھنواز خان کي ايوان صحافت بدين  پاران آجياڻو آئي ٽي حال جو افتتحاح  ڪيو.   آجياڻي واري تقريب ۾ پريس ڪلب ڪڍڻ . پريس ڪلب ٽنڊو باگو . پريس ڪلب تلھار  جي صحافين جي شرڪت ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان  چيو ته   ايوان صحافت  کي ڏسي خوشي ٿي آھي ته ادارو ايڏو سٺو ٺھيل آھي اھيا سٺائي نظر اچي رھي آھي ھي ته ھڪ حال آھي پر اميد ڪيان ٿو ته ايوان اندر اڃا به حال ٺھندا اوھان ماڻھن جو آواز آيو اوھان جي خبرن سان اسان کي خبر پوي ٿي ته ڇا ٿي رھيو آھي اسان کي ماڻھن جي جائز ڪم ٿين تعيلم کي بھتر ڪيون ھن چيو ته الله رحم ڪري باقي بدين ۾ ڪابه صحت جي بھتر سھولت نظر نه ٿي اچي جڏھن بدين ۾ مقرر ٿيس ته روڊ تان گذريس ته بلبن جي روشني ڏٺم پچم ته ھي ڇا  آھي ٻڌايو  ويو  انڊس اسپتال آھي اتي ويس ته انتھائي حالت خراب ھئي رڳو روشني ھئي باقي الله خير ڪري   حالت خراب آھي علاج جون سھولتون انتھائي گھٽ آھن ماڻھن کي علاج جون سھولتن نه ملي رھيون ڪووڊ ۾ ميڊيا اسان جي مدد ڪري بدين ۾ ڪابه صحت جي سھولت ميسر نه آھي رڳو رات جو روشني بلبن جي  روشني  آھي  بدين ضلعو  اڳ برساتن دوران ٻڏندو آھي پر ھاڻي الله خير ڪندو اسان انتھائي تيزي سان ڪم ڪيون پيا اين جي اوز وارن ماڻھن کي روليو آھي ھڪ ڪٽو ڏين ٿا رولين ٿا سچائي سان اسان  گھڙو ڪجھ ڪري سگھون ٿا  اھڙو ڪم ڪيون جنھن سان  ماڻھن ياد ڪن بدين جي اٻوجھ ماڻھن سان مون کي ۽  اوھان کي سڀني کي گڏجي انھن لاء ڪم ڪرڻو آھي ھر اداري ۾ رڳو بوگس طريقي سان تنظيمون ٺاھي بس پنھنجي مفاد لاء ڪم ڪن ٿا پر حقيقي ڪم نه ٿا ڪن آئون صحافين جي مدد سان ماڻھن ھتي جا مسئلا حل ڪرڻ چاھيان ٿو ڪوشش آھي ته صحت . تعيلم . پيئڻ جو پاڻي ماڻھن کي بھتر ۽ جلد ملي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.