ڄامشوري ۾بدامني جو نوٽيس، اڄوڪو رٿيل احتجاج ملتوي

ڄامشورو(ڊ ر) ڄامشوري ۾ بدامني جو ايس ايس پي ڄامشورو سخت نوٽيس، ايس ايڇ او شهري اڳواڻن وٽ پهچي ويو، ڳالهيون ڪيون مهلت ڏيو ، ايس ايڇ او، شهري ايڪشن ڪميٽي پاران ايس ايس پي آفيس آڏو  رٿيل اڄوڪو احتجاج ملتوي.  تفصيل موجب: ڄامشوري ۾ وڌندڙ بدامني ۽ شهرين جي احتجاج جو ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ سخت نوٽيس ورتو، ايس ايس پي جي هدايتن تي ايس ايڇ او آدم ابڙو رابطو ڪري شهري اڳواڻن وٽ پهچي ڳالهيون ڪيون، ان موقعي تي شهري ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين ربنواز ابڙو، حافظ جميل احمد لغاري، نبي داد لغاري ۽ ٻين چيو ته پوليس جي غفلت ۽ سستي سبب شهر مان آساني سان چور موٽر سائيڪلون چوري ڪن ٿا ۽ روڊن تان ڦرون ٿي رهيون آهن ٻن هفتن ۾ 15 واداتون ٿيون آهن متاثرن سان پوليس جو رويو به غير مناسب آهن ڪنهن جي فرياد به نه ٿي ٻڌي وڃي پوليس جي اعلي آفيسرن جو توجو ڇڪائڻ لاء احتجاج ڪري رهيا آهيون بدامني تي مڪمل ڪنٽرول ڪري  متاثر شهرين کي انصاف فراهم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکبو.  ان بعد ايس ايڇ او آدم ابڙو شهري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن کي چيو ته بدامني تي ضابطي لاء رات توڙي ڏينهن جو گشت ۾ اضافو ۾ ڪيو آهي فائيٽر گشت وڌايو آهي ٿاڻي جون ٻه پوليس آهن وڌيڪ ٻه پوليس موبائيلون آر آر ايف جون به مون کي مليون آهن شام جي ٽائيم تي کان رات دير تائين مختلف روٽن تي چيڪنگ به شروع ڪئي آهي جلدي موٽر سائيڪل چورن جي گروهه کي گرفتار ڪيو ويندو، شهري کي گولي هڻي زخمي ڪندڙ ڦورن جي به ويجهو پهتا آهيون مهلت ڏيو ۽ شهري تعاون ڪن سڀ مسئلا حل ٿي ويندا، ايس ايس پي به سختي سان هدايتون ڪيون آهن توهان جي تعاون جي ضرورت آهي متاثرن کي هر حال ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو، جنهن بعد شهري ايڪشن ڪميٽي پاران بدامني خلاف اڄ ايس ايس پي ڄامشورو جي آفيس اڳيان رٿيل احتجاج هفتي لاء ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي شهري ايڪشن ڪميٽي جا اڳواڻ غلام ياسين ڊومڪي، آزاد سنجراڻي، ضمير احمد تيوڻو، رشيد لغاري حافظ نور محمد رفيق لغاري، اشفاق احمد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.