فريدآباد ۾واٽر سپلاءِ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

فريدآباد ( ن ع آ ) فريدآباد ڪاڇي جي نون ڳوٺن لاء منظور ٿيل مان سپلاء اسڪيم جو ڪم مڪمل نه ٿيو، علائقي واسي  تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن جي اڳواڻن جو اٺاويهين ڏينهن به سخت احتجاج نعري بازي ڪئي  وئي  خبرموجب فريدآباد سميت نون ڳوٺن لاء منظور ٿيل واٽرسپلاء جو ڪم سست رفتاري جو شڪار اڍائي سال گذرڻ باوجود ڪم مڪمل نه ٿيو علائقي واسي سالن کان تڪليفن جو شڪار هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن جي ضلع اڳواڻ پير محمد ڏيرو ميهرعلي ڏيرو رئيس محرم علي رند  شبير ڪرٽيو زيب رند عاشق چانڊيو  سڪندر علي بروهي ۽ ٻين جو اٺاويهين ڏينهن به هلندڙ برسات دوران به پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪاڇي واسين سان سراسر ناانصافي ٿي رهي آهي اسان  اٺاويھ ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون سنڌ سرڪار طرفان ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناهي اسان پيئڻ جي پاڻي لاء تڙپي رهيا آهيون پر ڪنهن کي ڪوبه احساس ڪونهي تيل گئس ڪمپني مان ملندڙ رائلٽي مان به اسان جي ڳوٺن تي هڪ روپيي جيترو ڪم به ناهي ٿيو . اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين کان پرزور اپيل ڪندي مطالبو ڪيون ٿا ته اسان جي معاملي جو نوٽيس وٺي ڪرپشن ڪندڙ کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي اسان ڪاڇي واسين کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ٽنڊي مير علي ۾ڳوٺاڻن جو سيٺارجا اسپتال جي انچارج خلاف احتجاج

ٽنڊوميرعلي ( ن ع آ) وٽنري اسپتال سيٺارجاجي انچارج ڊاڪٽرحاڪم علي هيسباڻي خلاف مختلف ڳوٺن جي رهواسين جواحتجاج جانورن کي مختلف بيمارين کان بچاءجي ويڪسين نٿي ڪئي وڃي اسانجو چوپايومال مري رهيوآهي انچارج اسان کان پئساگهري ٿوپئساڏيوت  پوء اسان ويڪسين ڪري ڏينداسين دوائون مفت جون ت ناهن تفصيل موجب سيٺارجاوٽنري اسپتال جي انچارج خلاف مختلف ڳوٺن شھميرجانوري گل خان ڏيپارجا قائم الدين ڪٻر۽ٻين ڳوٺن جي رهواسين لياقت علي رياض احمدسميرخان احمدبخش ۽ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيوت اسان جوچوپايومال مختلف بيمارين سبب مري رهيوآهي.  اسان اسپتال جي انچارج حاڪم علي هيسباڻي کي پنهنجي مال کي ويڪسين ڪرائڻ جوچيوت ان اسانکي چيوت پئسا5هزارڏيوت پوء ويڪسين ڪرڻ هلنداسين اسان وٽ ڪومفت جودوائون ت ناهن جڏهن ت گورنمينٽ پاران لکين روپين جودوائون انهن کي ڏنيون ٿيون وڃن جيڪي هوعوام کي ڏيڻ بجاءپرائيويٽ وٽنري ڊاڪٽرن کي وڪروڪري ٿاڇڏين هنن اعلئ اختيارين کان مطالبوڪيوآهي ت هڪدم نوٽيس وٺي وٽنري اسپتال سيٺارجاجي انچارج خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ اسان جي چوپائي مال کي ويڪسين ڪرائي مرڻ کان بچايووڃي ٻي صورت۾احتجاج جودائرووڌايوويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.