ڄامشوري ۾سنڌ يونيورسٽي ملازمن جو احتجاج

ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌ يونيورسيٽي جي سينٽر آف ايڪسيلينس ان ائنالاٽيڪل ڪيميسٽري جي ملازمن جا مسئلا ليو انڪيشمينٽ , ميڊيڪل الائونس, بينيوئل فنڊ, پروموشن ۽ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ حل نه ٿيڻ خلاف غلام اڪبر برفت, شبير سيال, شاھد سيال, جاويد قريشي, سلطان, عبدالباري, عرفان مسيع ۽ ٻين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي سينٽر جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته جائز مسئلن جي حل لاء گذريل 21  ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر سينٽر جو ڊائريڪٽر طفيل احمد شيرازي پنهنجي هوڏ تي بيهندي مسئلا حل ڪرڻ بجاء ويتر ملازمن کي حراسان ڪري رهيو آهي،هنن چيو ته سينٽر جي ڪروڙين رپين جي اين ايم آر مشين جا پڙزا ڪڍي ان کي گندگيء جي ڍير ۾ اڇلايو ويو آهي جنهن خلاف پڻ گذريل 21 ڏينهن کان دانهين رهيا آهيون پر ان اين ايم آر اسڪينڊل جي به ڪا جانچ نه ٿي ڪئي وڃي نه ئي 17 سالن تائين ھفتي ۾ ٽي ڏينهن ڊيوٽي ۽ چار ڏينھن تي موڪل ڪندڙ ڪرپٽ ڊائريڪٽر طفيل احمد  شيرازي  کان 17 سالن تائين اڌ پگھار مفت ۾ کڻڻ جو پڇاڻو ڪيو ٿو وڃي، ملازمن ۽ آفيسرن مطالبو ڪندي چيو ته ڄاڻايل جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ نئون مقرر ڪيل ڊائريڪٽر طفيل احمد شيرازي جي 17 سالن جي ڪيل ڪرپشن جي پڻ جانچ ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.

ڪوٽڙي ۾ پيرا ميڊيڪل پاران بائيڪاٽ، احتجاج

ڪوٽڙي (ت ر  ) ڪوٽڙي جي پيرا ميڊيڪل عملي پاران اڄ 17 هين ڏينھن تي به ڪچن ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف 2  ڪلاڪ  او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال اندر احتجاج ڪيو ويو. ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي جي ملازمن اسپتال اندر احتجاجي مظاهرو ڪري زوردار نعري بازي ڪئي. پيرا ميڊيڪل اڳواڻن مسعود ميراڻي، ارشد قريشي، قيوم راهوجو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته 17 ڏينهن کان احتجاج پيا ڪريون پر انتظامي اتي اثر نٿو ٿئي. سالن کان ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ بدران نين ڀرتين ۾ نوان ماڻهو کني ويا آهن. اڳواڻن جو چوڻ هيو ته سالن کان ڪم ڪندڙ ڊيلي ويجز ملازم کي نظر اندز ڪري سندن حق تلفي ڪئي وئي آهي جنهن خلاف سراپا احتجاج آهيون. هنن چيو ته پراڻن ملازمن کي مظرانداز ڪري ڪيل نين ڀرتين کي رد ڪريون ٿا. هنن سي ايم سنڌ سميت ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو   ته سالن کان ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.