ڪڪڙ ۾ واپاري اڳواڻ جي دڪان کي کاٽ، لکن جي چوري

ڪڪڙ (ن ع آ) ڪڪڙ شھر مان مين روڊ تي قائم ٿيل ڪرياني دڪان جي مشھور ھول سيلز مين واپاري اڳواڻ حافظ عبدالجبار قريشي جي نامعلوم  چورن پاران گذريل رات دير سان برسات دوران ڪرياني دڪان جي ڇت ٽوڙي مختلف سگريٽ ڪارٽون گھ سوپاريون صابڻ سميت ٻيو سامان چوري ڪري کڻي ويا اطلاع ملڻ تي ڪڪڙ پوليس پھچي دڪان جو جائزو ورتو واپاري اڳواڻ کان سامان جا تفصيل معلوم ڪيا برسات سبب پيرو ن لڳو متاثر دڪاندار چيو ت دڪان مان چوري ٿيل سامان جي ماليت 5 کان 6 لک روپيا آھي پوليس ۽ چوڪيداري ھوندي ب دڪان مان چوري ٿيڻ افسوس ۽ سندن نااھلي ھئڻ جو چٽو ثبوت آھي ھوڏانھن چيمبر آف ڪامرس ضلعي  دادو جي واپاري صدر محمد اقبال چارڻ چيو آھي ڪڪڙ شھر ۾ بدامني چوٽ چڙھي وئي آھي پر ڪڪڙ پوليس چورن آڏو بيوس بڻيل آھي واپاري ڳواڻ حافظ جبار قريشي جي لکين روپين جي چوري ٿيل سامان واپس ن ملڻ ۽ جوابدار پوليس ھٿ ن ڪيا ت اسين ٽن ڏينھن کان احتجاج ڪرڻ جو حق رکون ٿا انھي جي ذميوار انتظاميا تي ھوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.