نوجوان جا قاتل گرفتار ڪريو، رتوديرو ۾ مظاهرو

رتوديرو  ( ن ع آ )  هڪ هفتو اڳ ڪنڊيارو شهر ۾ هٿياربندن هٿان قتل ڪيل نوجوان شاهجهان چهواڻ جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف بنگلديرو  شهر جي ڀرسان رهندڙ ڳوٺ سيوو خان چهواڻ ۽ ڳوٺ مصري خان چهواڻ جي  رهواسي چهواڻ برادريءَ پاران بنگلديرو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهر ڪري نعريبازي ڪئي وئي جڏهن ته مظاهرين پاران نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو پڻ مطالبو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن محمد عيدن چهواڻ، حاجي عبدالواحد چهواڻ، علي اڪبر چهواڻ ، نصير محمد چهواڻ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته شاهجهان چهواڻ کي بيگناھ قتل ڪندڙن کي اڃان تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۽ قاتلن کي بااثر ڌرين جي پٺڀرائي حاصل آهي هنن وزيراعليٰ  سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته شاهجهان چهواڻ جا قاتل جلد کان جلد گرفتار ڪيا وڃن.  ٻئي صورت ۾ اسين چهواڻ برادريءَ جي پليٽ فارم تان سڄي سنڌ اندر سخت کان سخت احتجاج ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.