ڪوٽڙي ۾ برسات، اي سي ۽ ايڊمنسٽريٽر پهتو، پاڻي نيڪال لاءِ هدايتون

ڪوٽڙي (ت ر ) ڪوٽڙي جي مختلف علائقن ۾ رات کان مسلسل تيز برسات کانپوءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڄامشورو/ ايڊمسٽريٽر ڪوٽڙي ۽ ٻولھاڙي علي ذوالفقار ميمڻ پاران ڪوٽڙي شهر جا دورا، عملدارن کي برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو عمل تيزي ڪرڻ سان گڏوگڏ عملدارن کي ڊي سي آفيس سان رابطي ۾ رھڻ جون ھدايتون جاري، اي ڊي سي ون پاران برسات جي پاڻي نيڪال ۾ غفلت تي سخت ڪارروائي لاءِ خبردار ڪيو

شڪارپور ۾موبائيل ڪڍڻ لاءِ گٽر ۾لٿل ٻن مان هڪ ڄڻو فوت

شڪارپور(ڊ ر)شڪارپور ميونسپل انتظاميا جي انتهائي نااهلي،سيشن جج جي حڪم باوجود گٽرن مٿان ڊڪڻ نه لڳا،کليل گٽر ۾ موبائيل فون ڪرڻ سبب ڪڍڻ لاءِ گٽر ۾  لٿل ٻن ڄڻن مان ساھ ٻوساٽجڻ سبب هڪ فوت ٻيو بيهوش،خبر موجب:شڪارپور شھر ۾ ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب مختلف علائقن ۾ گٽرن جا منهن کليل هجڻ جو ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ پاران نوٽيس وٺي گٽرن مٿان ڊڪڻ چاڙھڻ واري حڪمن باوجود عمل ٿي ناهي سگهيو، ان سلسلي ۾ شھر جي رستم چوڪ روڊ نم کبڙ موڙ وٽ کليل گٽر ۾ موبائيل فون ڪرڻ سبب ٻہ ڄڻا غلام ياسين آرائين ۽ سعود آرائين گٽر ۾ لٿا ۽ فون جي ڳولھا دؤران ساھ ٻوساٽجڻ سبب40 سالن جو غلام ياسين آرائين ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو،جڏھن تہ نوجوان سعود بيھوش ٿي پيو جنهن کانپوءِ علائقي واسين فوتي جو لاش ۽ بيهوش ٿيل همراھ کي گٽر مان ڪڍي آر بي يو ٽي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،جڏھن ته بيهوش نوجوان کي طبعي امداد بعد سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو،ياد رھي تہ ڪجھ مهينا اڳ به شھر جي ٺاروپور پاڙي ۾ ٻارڙو ايان علي گٽر ۾ ٻڏي فوت ٿيو ھو جنھن جو نوٽيس شڪارپور جي سيشن جج ورتو ھو تنھن باوجود به شھر اندر مختلف پاڙن ۾ گٽر کليل آھن جڏھن تہ چار سوا ڪروڙ جي شيئر وٺندڙ شڪارپور ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا رڳو ڦرلٽ ۾ مصروف آھي.

شڪارپور ۾پي ٽي آءِ اڳواڻ آغا تيمور پٺاڻ جون اهم شخصيتن  سان ملاقاتون

ميان صاحب ( ن ع آ ) شڪارپور ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاء پي ٽي آء اڳواڻ آغا تيمور خان پٺاڻ جون مختلف برادرين جي چڱن مڙسن سان ملاقاتون ، سيد برادري جي اهم  شخصيت سندس حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو ، ضلعي اندر امن امان جي صورتحال بهتر ناهي سنڌ پوليس سان گڏ پاڪ فوج ڏوهارين خلاف آپريشن ڪندي.  : آغا تيمور خان پٺاڻ جون ڪارنر گڏجاڻي ۾ ڳالهيون ،تفصيل موجب : ايندڙ عام چونڊن ۾ شڪارپور ضلعي ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاء پي ٽي آء سرگرم ٿي وئي آهي پي ٽي آء شڪارپور ضلعي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير آغا تيمور خان پٺاڻ پاران صوبائي تڪ خانپور شڪارپور جي مختلف شهرن خانپور ، سلطان ڪوٽ ، شڪارپور ۽ دوست واهہ سميت ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ مختلف برادرين جي چڱن مڙسن سان گڏجاڻين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي سلطان ڪوٽ ڀرسان دوست واهہ ۾ سيد برادري جي چڱي مڙس سيد بيگ محمد شاهہ پاران آغا تيمور پٺاڻ کي ڳوٺ گهرائي پنهنجي برادري سميت سندس جي حمايت جو اعلان ڪيو ان موقعي تي آغا تيمور پٺاڻ چيو ته سنڌ ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن شڪارپور ضلعي کان شروع ڪيو ويندو هن چيو تہ مون سنڌ ۾ بدامني بابت وفاقي وزير اسد عمر سان خصوصي ڳالهہ ٻولهہ ڪئي آهي جنهن ۾ مون هن آڏو واضع موقف رکيو هو تہ سنڌ ۾ جيڪڏهن بيروزگاري جو خاتمو نہ ٿا آڻي سگهو تہ گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن کي امن فراهم ڪريو هن چيو تہ سنڌ سرڪار ڀليجان آپريشن نہ چاهي پر ڏوهارين خلاف آپريشن جلد شروع ٿيندو جنهن ۾ سنڌ پوليس سان گڏ رينجرس ۽ پاڪ فوج جا جوان بہ گڏ هوندا آغا تيمور پٺاڻ چيو تہ ڏوهارين کي تہ گرفتار ڪيو وڃي ٿو پر ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙن خلاف ڪا ڪارروائي نہ پئي ٿئي جنهن ڪري ڏوهہ ختم نہ پيو ٿئي هن وڌيڪ چيو تہ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي اپوزيشن فقط پي ٽي آء ئي آهي ۽ اسين سنڌ ۾ سمورن پ پ مخالف پارٽين کي ساڻ کڻي پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيندا سون ان موقعي تي سلطان ڪوٽ يونين ڪائونسل جي ڳوٺ دوست واهہ جي سيد برادري جي اهم شخصيت سيد بيگ محمد شاهہ پاران پنهنجي برادري سميت آغا تيمور پٺاڻ جي حمايت جو اعلان ڪيو ان موقعي تي آغا عبدالقادر پٺاڻ ، آغا شمس پٺاڻ ، فرحان حسين لوڊرو ۽ ٻيا پي ٽي آء جا اڳواڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.