ماٿيلو لڳ چڙهائي، عورت سميت 3 زخمي، نوجوان گرفتار، احتجاج

ميرپور ماٿيلو ( ن ع آ ) عادلپور پوليس ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ سجاول ملڪ جي رھواسين گھرن مٿان حملي ۽ عادلپور پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي ميرپورماٿيلو پھچي ايس ايس پي گھوٽڪي جي  آفيس آڏو مردن، عورتن، ٻارڙن سوڌو احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن بخش علي عرف بخشو ملڪ، الھڏنو ملڪ، مسمات حسنا ملڪ، مسمات عابدہ ملڪ ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي سخت احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي گھرن مٿان 20 کان وڌيڪ ھٿياربندن جوابدارن ارباب ملڪ ، قابل، نورمحمد ملڪ ۽ ٻين حملو ڪري مسمات حسنا، عبدالمجيد ملڪ ۽ پير بخش کي سخت زخمي فرار ٿي ويا آھن، ھنن وڌيڪ چيو ته اسان سان ناحق آھي، اسان جي گھرن تي حملا ڪري اسان جا ماڻھون زخمي ڪرڻ زمينن مٿان قبضا ڪيا ويا آھن، ھنن چيو ته انصاف لاءِ عادلپور ٿاڻي تي پھتا سين ته فريادي نظير ملڪ کي ڪرپٽ ايس ايڇ او رضوان ناريجو گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي، جيڪا اسان سان ناانصافي آھي. ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺي انصاف ڏياري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.