شادي پلي ۾ حادثي جو ڌڪي، حيدرآباد ۾ فوت

شادي پلي( ن ع آ ) پلي ويجهو عمرڪوٽ روڊ تي بلوچ آباد اسٽاپ وٽ روڊ ڪراس ڪندي نامعلوم ڪار جي ٽڪر ۾ شادي پلي جي ڳوٺ دار  پلي جو رهواسي 22 ورهين جو درويش صفت نوجوان رمضان عرف چلي پٽ دوست محمد مڪراني مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي بيهوشي جي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جيڪو هڪ مهينو ڇھ ڏينهن لاڳيتو بيهوشي جي حالت ( ڪوما) ۾ رھڻ بعد نيٺ گذريل ڏينهن زندگي جي جهنگ هارائي ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ امڙي کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.