ڏهرڪي لڳ فصل ڀيل تان جهيڙو، ٻه ڄڻا رتورت

ڏهرڪي ( ت ر ) ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ جيئند خان مھر ۾ فصل جي ڀيل تان مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ لوهي  سريا لڳڻ سبب هڪ ڌر جا ننگر فقير بائيخانجو مهر سميت ٻه ڳوٺاڻا رتورت ٿي پيا جن کي زخمي حالت ۾ علاج لاءِ ڏهرڪي اسپتال آندو ويو جتي ننگر فقير جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين رحميارخان نيو ويو، ان موقعي تي سوڍو فقير بائيخانجو ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ فصل جي ڀيل تان  ننگراڻي پاڙي جي ماڻهن سان منهن ماري ٿيڻ بعد ٺاپر ٿي وئي هئي، جنهن بعد اڄ ٻيهر حاجي مريد گمنو مهر ۽ شريف گمنو جي بڇ. ميهر گمنو،الله بخش گمنو ۽ وزير گمنو مهر وارن بنا جواز حملو ڪري گهر ٻاهريان دوڪان تي ويٺل ننگرفقير ۽ سندس ڀائيٽي مٿان لوهي شيخن سان حملو ڪري رتورت ڪري ڇڏيو آهي انهن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو حملو ڪندڙ جوبدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي هوڏانهن کينجهو پوليس واقعي جي ابتدائي رپورٽ درج ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.