کوکراپار ڀرسان ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار

کوکراپار (ن ع آ) ميمڻ ڳوٺ ملير ۾ سيد برادري جي معززن سيد امام بخش شاھ ،پنهنجي  مائيٽن حسين شاھ ، ۽ سيد غلام مصطفي شاھ  سان گڏ ڪالھ ميمڻ ڳوٺ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ منھنجي ملير ميمڻ ڳوٺ لڳ ديھ ملھ  تپو درساڻو ڇنو ۾ مورثي سروي 10 ايڪڙ 15 گھنٽا زمين آھي جنھن تي گذريل ڏينھن بدنام زمانا بااثر قبضاگير يوسف ڪارو ، فريد احمد ، عبدالڪريم ، جھانگير ۽ ٻين ھٿيارن سان ڪاھ ڪري اسان کي زمين تان زوري بيدخل ڪري قبضو ڪري ورتو اسان فوري طور ڄاڻايل ھٿياربندن خلاف پوليس مددگار تي اطلاع ڪيو جنھن تي پوليس فوري طور پھچي ويئي جن کي ڏسي ھٿياربند فرار ٿي ويا اسان پوليس سان گڏجي زمين تي  قبضي جي نيت سان لڳايل بورڊ لاھي ورتا آھن ھنن چيو تہ ھاڻ ڄاڻايل جوابدار زمين سندن حوالي نہ ڪرڻ جي صورت ۾ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن ھنن وزير اعلي سنڌ ، ڊي سي ملير ، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو تہ  حملي آورن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.