جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان وارابندي خلاف آچر ڏينھن احتجاجن جو اعلان

ميرپوربٺورو/حيدرآباد(نمائندا) قومي پارٽي جي قادربخش زئور،بشير ميراڻي انورخاصخيلي، الطاف کوڙ، سجاد ميراڻي، نور  محمد چانڊيو ۽ شڪور ميربحر چيو آھي ته تعلقي ميرپور بٺوري ۾ اڃا تائين پاڻي جي کوٽ ختم ناھي ٿي. ھٿ وٺي گنج بحر ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري واھن ۾ وارابندي ڪئي وئي آھي، جيڪا آبادگارن کي تباھ ڪرڻ جي سازش آھي. اڳ ئي آبادگار معاشي بدحالي جو شڪار آھن، مٿان وري پاڻي جي کوٽ عوام جي معائشي قتلام ڪيو پيو وڃي. گذريل سال برساتن سبب آبادگار تباھ ٿي ويا هئا، ھن مھل ھٿرادو پاڻي جي کوٽ ڪري ويتر آبادگارن کي وڌيڪ پريشان ڪيو پيو وڃي. وارابندي جي ڪري اڃا تائين آبادگار ٻيجارو به پوکي ناھن سگھيا۔ مٿان وري برساتن جي موسم آھي، آبادگارن جو نقصان ٿي رھيو آھي. هنن اعلان ڪيو ته قومي پارٽي پاران تعلقي ۾ پاڻي جي وارابندي خلاف تعلقي جي سڀني شهرن ۾ آچر ڏينهن 18 جولاءِ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.ھوڏانھن پارٽي چئرمين نواز خان زئور چيو ته يو سين جي سيڪريٽرين کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي سمورين ملازمن کي واپس بحال ڪيو وڃي اڳ ئي بيروزگاري آھي مٿان وري يوسين جي ملازمن کي بيروگار ڪري انھن جو معائشي قتلام ڪرڻ چاھين ٿا۔اسان ملازمن سان گڏ آھيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.