اوٻاوڙو جو بدنام ڌاڙيل اسلام آباد پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

اوٻاوڙو ( رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ )  اوٻاوڙو ڀرسان رانوتي جي ڪچي واري علائقي جو رهواسي اتر سنڌ جو بدنام ڌاڙيل علي ڌونڌو رات دير سان  اسلام آباد ۾ مبينا  پوليس مقابلي ۾  مارجي ويو آهي ياد رهي ته علي ڌانڌو اتر سنڌ جو بدنام ڌاڙيل رهيو آهي جنھن جي سر جي سنڌ حڪومت پاران پنج لک قميت رکي هئي، جنهن بعد هو ڏوھن جي دنيان مان نڪري پاڻ مرادو پوليس وٽ پيش ٿي پنهنجي گرفتاري ڏني هئي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته ھو ڪجهه عرصو اڳ جيل ۾ رهڻ بعد آزاد ٿي اسلام آباد  ۾  پٺاڻ برادري سان تعلق رکندڙ پنهنجي جيل جي ساٿين  سان ملڻ لاءِ اسلام آباد ويو جتي هو اسلام باد مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي، جنهن جو لاش اسلام باد کان اباڻي گھر رانوتي جي ڪچي واري علائقي پھچائڻ لاءِ روانو ڪيو ويو آهي جيڪو اوٻاوڙو ۾ پھچڻ تي پوسٽ مارٽم بعد اڄ شام تائين لاش رانوتي ڪچي ۾ وارثن حوالي ڪيو ويندو ھوڏانھن وارثن کي خبر پوڻ تي گھر ۾ ڪھرام متل آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.