سينيئر ججن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف حيدرآباد ۾ عدالتي بائيڪاٽ

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي  حيدرآباد ۾ هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. وڪيلن جي بائيڪاٽ سبب هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ، ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت سميت ماتحت عدالتن ۾ ڪيسن جون شنوايون نه ٿي سگهيون. جڏهن ته ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ خاص ڪيسن جون ٻڌڻيون هلايون. پاڪستان بار ڪائونسل سينيئر ججز کي نظرانداز ڪرڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو. وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سينارٽي لسٽ ۾ چار سينيئر ججز کي نظرانداز ڪري پنجين نمبر واري جج کي اهميت ڏني وئي جيڪو عمل آئين ۽ قانون جي خلاف آهي ان لاءِ جڊيشري ۾ ميرٽ ۽ سينارٽي کي اهميت ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.