سنڌ ۾ افغانين جي آمد تي پابندي لڳائي وڃي:اي جي پي

گلشن اقبال (ن ع آ) عوامي جمهوري پارٽي مرڪزي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو سچل ڳوٺ ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪ افغان بارڊر کان روزانو وڏي تعداد ۾ سنڌ اندر غير قانوني افغاني مهاجر داخل ٿي رهيا آهن وفاق پاران ڪا موثر پاليسي نه هجڻ سبب سنڌ مسلسل ڌارين جو عذاب ڀوڳي رهي آهي 40 لک افغان پناهگيرن جو سنڌ ۾ هجڻ بدامني جو وڏو سبب آهي جيڪي ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ ڏوهن جون وارداتون ڪن ٿا قانوني ادارن جي سروي مطابق ڪراچي ۾ روزانو ٿيندڙ ڏوهن ۾ افغاني جوبدارن جو وڏو انگ ملوث آهي هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ٻين صوبن پاران افغان پناهگيرن جي رهائش ۽ روزگار تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي پر سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائي ڌارين جي لوڌ کي لاهي صوبي جي ماڻهن جي روزگار ۽ ٻين حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي سنڌ وڌيڪ مهاجرن جو بار کڻي نه ٿي سگهي افغانين جي سنڌ ۾ داخلا تي پابندي نه لڳائي وئي ته سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا وفاقي توڙي صوبائي سرڪار سنڌ ۾ پناهگيرن جي مسئلي پاليسي جوڙي انهن جي واپسي کي يقيني بڻائن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.