افغاني پناهگيرن کي اچڻ کان روڪيو وڃي:رسول بخش خاصخيلي

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، مرڪزي  جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ راحيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ جاکرو نوحاڻي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته هن وقت اقتدار تي قابض غير جمهوري قوتون سندن ايجنٽ نيازي سرڪار ۽ پيپلزپارٽي حڪومت جي سهڪار سان سنڌ اندر ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي هڪ گهري سازش پيون ڪن. آمريڪا ۽ اتحادي فوجين جي افغانستان مان واپسي ۽ طالبانن جي افغانستان جي وڏي علائقي جو ڪنٽرول سنڀالڻ بعد پناهگيرن جو وڏو تعداد هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو رخ ڪندو جنهن لاءِ اڳواٽ ئي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڪي قدم کڻي پناهگيرن کي سنڌ ۾ اچڻ کان روڪي افغانستان جي سرحد ويجهو ئي پناهگير ڪيمپن ۾ ترسائڻ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي پر پاڪستان تي قابض غير جمهوري قوتون ۽ سنڌ جا غدار وڏيرا پناهگيرن کي سنڌ اندر رهائي سنڌ جي آبادي جي تناسب ۾ بگاڙ آڻي، سنڌ جي زمينن مٿان قبضا ڪري ۽ ڌارين کي شناختي ڪارڊ ڏئي سنڌ کي تباهه  ۽ برباد ڪرڻ جي رهزن سازشن تي عمل پيرا آهن. جيتوڻيڪ دنيا اندر اهو اصول رائج آهي ته پناهگيرن کي سندن سرحد سان لڳ علائقن ۾ رهايو وڃي پر ان اصول کي لتاڙيندي پناهگيرن کي سنڌ جا شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏئي سنڌ جي وحدت تي وار ڪيو پيو وڃي. ماضي ۾ پاڪستان جي نااهل حڪمرانن جي پاليسين سببان پناهگيرن جي وڏي لوڌ سنڌ اندر آباد ڪرائي سنڌ سميت پوري ملڪ کي دهشتگردي جي ور چاڙهيو ويو هن وقت به حڪمران ساڳي پاليسي جو ورجاءُ پيا ڪن جنهن سان پس و پيش هن ملڪ کي هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويندو. هن سازش کي سنڌ جون جمهوريت پسند، ترقي پسند ڌريون ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.