نارو جي ڪمپني طرفان استادن کي حق ڏنا وڃن:هاري ڪميٽي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ناري تعلقي جي UEP جي سپورٽيڊ استادن جون پگهارون نه ملڻ ۽ 8 هزار کان وڌيڪ شاگرد متاثر  ٿيڻ خلاف ٿيندڙ احتجاج جي حمايت ڪئي وئي آھي.  سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمرحيدر جتوئي, جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي ۽ پريس سيڪريٽري ايڊوڪيٽ اعجاز شر پاران گڏيل بيان چيو ته ڪمپني جي استاد ملازم 18 سالن کان ڊيوٽي ڪري رهيا آهن، جن کي ڏيڍ سال کان پگهارون نه مليون آهن، ھنن مطالبو ڪيو تھ  UEP جي استادن جا جائز مطالبا فوري طور تي تسليم ڪيا وڃن ۽ رهيل پگهارون پڻ جاري ڪيون وڃن.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.