ناميارو شاعر سڄڻ سنڌي صوفي ٻولن سان مٽيءَ ماءُ حوالي

نوابشاھه(رپورٽ اڪرم چانڊيو) سنڌ جي ارڏي بي باڪ ۽ ڏند ڪٿائي قومي ڪردار سڄڻ سنڌي کي صوفياڻن ٻولن سنڌ جي قومي تراني جي آلاپن ۽ ڪُھاڙي واري گھاڙي جھنڊي سان نوابشاھ جي قبرستان ۾ مِٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان سوين قومپرست اڳواڻن، اديبن، شاعرن ۽ مختلف مڪتب ماڻھن يار کي لھد ۾ لاھڻ وارين رسمن ۾ شرڪت ڪئي خبر موجب زندگي جا 40 قيمتي سال جديد قومپرست فڪر کي ارپيندڙ سن جي سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومي ھيرو شھيد بشير خان قريشي ۽ سنڌي قوم جي عاشق طالب حسين راڄپر المعروف سڄڻ سنڌي جي گذريل ڏينھن صبح جو ساڍي 9 وڳي نوابشاھ جي قديمي ميونسپل ھاير سيڪنڊري اسڪول جي گرائونڊ ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنھن بعد کيس ميونسپل اسڪول کان صوفي فقيرن جي سُنگ “گھُنڊ کول ديدار ڪرائو مين آيا مُک ويکڻ” جي يڪتارن ۽ چپڙين سان گونجندڙ پڙاڏن کان پوءِ نوابشاھ جي تاريخي حاجي نصير جي قبرستان ۾ قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سنڌ جي قومي تراني جي پڙاڏن ۽ ڪُھاڙي واري ڳاڙھي جھنڊي ۾ ملبوس سندس جسدِ خاڪي کي ڌرتي ماءُ جي ھنج حوالي ڪيو ويو. سڄڻ سنڌي جي جنازي نماز ۽ لھد ۾ لاھڻ وارين رسمن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، تاج جويو، پنھل ساريو، ايڊوڪيٽ ڪيھر انصاري، سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، ناصر شاھ، پ پ اڳواڻ عاشق حسين زرداري، سڄڻ سنڌي جي ويجھي ترين دوست انجنيئر مير محمد سيال، سينئر صحافين، شاعر، قلم ڪارن فياض چنڊ ڪليري، محمد صالح بلو، بخش علي جمالي، فدا حسين چانڊيو، مشرف علي ڀٽي، اڪرم چانڊيو، تاج رند، امير چانڊيو، اسماعيل ڊومڪي، اين پ پ اڳواڻ ڪامريڊ علي جاند رند، عمران رستماڻي، مير بيتاب پرھيو، اللھ بخش امين زرداري، پ پ اڳواڻ راشد چانڊيو، حق صوفي ازم ورلڊ جي چيئرمين فقير جي ايم ڏاھري مست پروازي، ھاشم لغاري، مسعود خاصخيلي، اسماعيل ڏاھري، شعبان ماٽي، امداد لغاري، عذيز ڏاھري، نذير ڏاھري، انجنيئر عبدالوحيد ڏئور، فدا لغاري، اپل ڏاھري، منور سراج، غني رند، امداد رند، زاھد رند، مشتاق ڪُرد سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي جڏھن تہ مرحوم سڄڻ سنڌي جو تڏو ھائوسنگ سوسائٽي ۾ واقع واپڊا ڪالوني ۾ مرحوم جي رھائش گاھ تي وڇايو ويو آھي مرحوم جي فرزند سان ٽيليفون تي جسقم چيئرمن صنعان خان قريشي، ايس يو پي اڳواڻ جلال محمود شاھ، زين شاھ سميت ملڪ جي نامور قومپرست تنظمين جي اڳواڻن ڪال ڪري تعزيت جو اظھار ڪيو آھي سڄڻ سنڌي جو ٽيجھو اربع ڏينھن (اڄ) واپڊا ڪالوني ۾ ڪيو ويندو انھي موقعي تي مجلس عزا جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.