ڪنڌڪوٽ لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو، رهواسين جو ڌرڻو

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ شھر اندر سخت گرمي ۾ ڪجهھ ڏينھن کان وٺي بجلي جو آزار وڌي ويو ھر ڏھ منٽ ۾ ٽرپنگ ٿيڻ لڳي جڏهن ته شھر جي سٽي فور فيڊر جتي ھزارين جي تعداد ۾ مزدور  طبقي جا گهر آهن جن وٺ بجلي کان سواء ڪا به سھولت نه آهي جتي 24 ڪلاڪن ۾ صرف 5 کان 6ڪلاڪ بجلي ڏني جنهن ۾ به بار بار ٽرپنگ ڪئي ويندي آهيم اھڙي ۽ گرمي ستايل سٽي فور جي عوام گلشير محلا ، عيد گاھ محلا ، ھيبت روڊ ، ڇڄڻ پاڙو ، شيخ پاڙو ماروائي پاڙو جي رهواسي ٻارن سان گڏجي ٽول پلازا باءِ پاس انڊس ھاوي تي بجلي جي آزار خلاف احتجاجن روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو روڊ بلاڪ ھجڻ ڪري سنڌ کان ٻين صوبن ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطاريون لڳي ويون احتجاج ڪندڙن پاران بجلي ڏيو بجلي ڏيو غريبن کي بجلي ڏيو سٽي فور جي بجلي ڏيو جا نعرا لڳائيندي چيو ته اسان جو علائقو سٽي فور فيڊر ۾ آهي انھي ۾ روز ڪمائي روز کائڻ وارن مزدورن جو آهي جتي سيپڪو انتظاميا ماٽيلي ماءُ جو سلوڪ ڪندي روزاني اعلانيا لوڊشيڊنگ  13 ڪلاڪ مقرر آهي پر شھر جي ٻن فيڊرن تي صرف 8 ڪلاڪ آهي پر سٽي فور ۾ ڏينهن رات ۾ صرف 5 يا 6 ڪلاڪ بجلي ڏني وڃي ٿي اسان جي گھرن ۾ غربت سبب  بجلي کان سواءِ ڪا به سھولت نه آهيبجلي نه ھجڻ ڪري بزرگ، ٻار سخت پريشان آهن رات ڏينهن آرام نه آهيجنهن ڪري اسان ذھيني مريض بڻجي ويا آھيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.