ميرپوربٺوري ۾زهريلي ماني کائڻ سبب 2 ٻارڙا بيهوش

ميرپور بٺورو )رپورٽ: شوڪت سومرو (ميرپور بٺورو مبينا  زهريلي اٽي جي ماني کائڻ سبب 2 ٻارڙا بي هوش اسپتال منتقل، ڳوٺ شادو چانڊيو ۾ مبينا زهريلي اٽي جي ماني کائڻ سبب 2 ٻارڙا سراج چانڊيو، ۽ ٻارڙي سڪينا چانڊيو بي هوش ٿي ويا جن کي تعلقي اسپتال ميرپور بٺورو آندو ويو جتي ٻارڙن کي طبي امداد ڏني وئي، اسپتال ۾ موجود ٻارڙن جي چاچي مولا بخش چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس ڇوڪرو راجا ڳوٺ جي ڀرسان  دڪان تان 2 ڪلو اٽو وٺي آيو ان اٽي جي ماني پچائي کائڻ سان ٻارڙا بي هوش ٿي ويا، هن چيو ته اٽي ۾ خبر ناهي ته ڪهڙي ملاوٽ ٿيل هئي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ملاوٽ ڪندڙ دڪاندار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.