”عوامي آواز“ جي خبر تي نوٽيس، ٻارڙن کي ارڙي جا ٽڪا هنيا ويا

ڪوٽڏيجي(ن ع آ) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ علي آباد ۾ اُرڙي جي وگهي ۾ فوت ٿيل 3 سالا تيمور پٽ احسان علي بگٽي ۽ اُرڙي جي بيماري ۾  مبتلا ٻارڙن جي خبر عوامي آواز ۾ ڇپجڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو ۽ ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر محمد حسن ابڙو سختي سان نوٽيس وٺندي ارڙي ۾ مبتلا ٻارڙن کي ويڪسين ڪرائڻ جو حڪم ڏنو جنهن کان ڊسٽرڪٽ سپروائيزر خيرپور عبدالرزاق شر، تعلقه آفيسر جاويد منگي ۽ نياز حسين ويڪسين جي ٽيم ساڻ ڪري ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ علي آباد پهچي اُرڙي ۾ مبتلا  4 سالا انوشا ڌيءَ احسان علي، 3 سالا  زهرا ڌيءَ عرفان علي بگٽي، 2 سالا گل حسن، 2 سالا ساجد علي ۽ 5 سالا فاطمه ڌيءَ ديدار علي بگٽي شامل هئا جنهن کي بچاءَ لاءِ ٽڪا لڳايا ويا ان کان علاوه ڳوٺ علي آباد ۾ اُرڙي کان بچاءُ لاءِ 4 سالا منظور علي پٽ حيدر خان، 5 سالا عائشه ڌي احسان علي، 4 سالا نگينه ڌيءَ حسن خان، 4 سالا حسينا ڌيءَ رشيد احمد بگٽي سميت 32 معصوم ٻارڙن کي اُرڙي ۽ مختلف بيمارين کان بچڻ لاءِ ويڪسين ڪئي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.