پکي ڀرسان ٽريڪٽر شاخ ۾ڪري پيو

پکو (ن ع آ)پکو لڳ برسات سبب ٽريڪٽر سلپ ٿي شاخ ۾ ڪلٽي ٿي پيو ، ڊرائيور ٽپو ڏئي جان بچائي ، ڳوٺاڻن پھچي ڊرائيور کي پاڻي مان  ڪڍيو ، ان ڏس ۾ پکو ٿاڻي جي حد ڳوٺ قلندر بخش مغيري ۾ ٽريڪٽر برسات سبب سلپ ٿي چيلو شاخ ۾ ڪلٽي ٿي پيو جنھن دوران ڊرائيور پڻ شاخ ۾ ٽپو ڏنو جنھن کي ڳوٺاڻن پھچي شاخ مان ٻاھر ڪڍي ٻڏڻ کان بچائي ورتو جڏھن ته ٽريڪٽر شاخ ۾ ٻڏي ويو جنھن کي ٻن ڪلاڪن جي ڪوشش بعد ڪرين مشين ذريعي شاخ مان ڪڍيو ويو ھوڏانھن واقعي واري ھنڌ وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا ھئا ان حوالي سان ٽريڪٽر ڊرائيور جنيد سولنگي ٻڌايو ته شاخ جي ڪناري سان برسات پوڻ ڪري ٽريڪٽر سلپ ٿي ويو ۽ ڪنرول مان نڪري وڃي شاخ ۾ ڪري پيو پر ڳوٺاڻن بروقت پھچي مون کي پاڻي ڪڍي ٻڏڻ کان بچائي ورتو آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.