سڪرنڊ ڀرسان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل سچوا ڪرڪيٽ ڪلب کٽي ورتو

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ ڀرسان جاري ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل سچوا ڪرڪيٽ ڪلب مئچ کٽي ٽرافي پنهنجي نالي  ڪري ورتي. خبر سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ڪنڊي اسٽاپ ۾ تعلقي سڪرنڊ جي مختلف ٽيمن وچ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذريو. ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ ڀٽائي اليون ۽ سچوا ڪرڪيٽ ڪلب پهتا. فائنل جي ميچ 10 اوورن تي مشتمل هئي.  جنهن ۾ ڀٽائي اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن۾ 115 رنسون ٺاهيون. جڏهن ته سچوا ڪرڪيٽ ڪلب ڳوٺ پير پريل شاهه جي ٽيم بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 9 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي حدف پورو ڪري فائنل پنهنجي نالي ڪري ورتو. رانديگر جنيد علي بهترن بيٽنگ جومظاهرو ڪندي 50 رنسون ٺاهيون. ان موقعي تي سچوا ڪرڪيٽ ڪلب جي ڪئپٽن امام بخش چانڊيو کي علائقي جي سماجي اڳواڻ ڪرڪيٽ علي حسن انڙ ٽرافي سان گڏ 5000 روڪ انعام پڻ ڏنو. ان موقعي تي پرويز چانڊيو، سراج منظور، عبدالغني پڻ موجود هئا.

ٽنڊي باگي جي اسڪول مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، احتجاج

ٽنڊوباگو ( ت ر) ٽنڊي باگي شهرجي نئون آباد محلي جي شھيد رسول بخش پرائمري اسڪول ۾ گزريل ڏينھن ٿيل برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو اسڪولي شاگردن سميت  اسڪول جي استادن جو احتجاج  اسڪول جي عمارت برساتي پاڻي سان ڀريل انتظاميا برساتي پاڻي 50 ڪلاڪ گزري نيڪال نه  ٿي سگهيو. ڪرايو خبرموجب ٽنڊي باگي شهر۾ نئون آباد جي محلي ۾ شھيد رسول بخش جي نالي سان قائم ٿيل پرائمري اسڪول نئون آباد ۾ گزريل ڏينھن پيل تيز برسات بعد اسڪول جي عمارت اندر برساتي پاڻي جمع ٿيڻ ڪري اسڪول اندر تعليم حاصل ڪندڙ ھڪ سو کان وڌيڪ اسڪولي شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لا۽ اسڪول اندر بيٺل وڏي پاڻي کي جھاڳي پوئي اسڪول اندر پھچن ٿيون برسات جي گندي پاڻي مان گزر ڪرڻ ڪري محصوم ٻارڙن کي چمڙي جي بيماري ٿيڻ جو انديشو آھي انھي سلسلي ۾ اسڪول جي ھيڊ ماستر سائين جاويد ڀرڳڙي موجب اسان انتظاميا کي اطلاع ڪيو آھي پر اڃان تائين اسڪول مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آھي برساتي پاڻي جي نيڪال ن ٿيڻ ڪري اسڪول ۾ داخل ٿيڻ وقت وڏي تڪليف ٿي رھي آھي ور مٿي کڻي اسڪول ۾ داخل ٿيون ٿا جڏھن ته پاڻي سبب اسڪول ايندڙ شاگردن جي تعليم پڻ متاثر ٿي رھي آھي ٻي پاسي اسڪولي شاگردن پڻ احتجاج ڪندي گھر ڪئي ته اسڪول مان بنا دير جي برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.