سنڌ يونيورسٽي ءَ جي اسلامڪ ڪلچر شعبي ۾ پي ايڇ ڊي جا انٽرويوز اڄ ٿيندا

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊپارٽمينٽ آف اسلامڪ ڪلچر ۾ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائن جا انٽرويوز اڄ ( اربع) تي ٿيندا. ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ناهيد آرائين موجب پي ايڇ ڊي ۾ داخلائن لاءِ انٽرويو ڪميٽي ٺاهي ويئي آهي، جيڪا اڳ ۾ ڪيل اعلان موجب اڄ اربع کان اميدوارن کان انٽرويوز ڪندي. اميدوار 10 وڳي تائين چيئرپرسن جي آفيس پهچي وڃن.

ڊائريڪٽر اطلاعات نوابشاهه شفيق ميمڻ سان ڀاڄائي جي لاڏاڻي تي تعزيت

نوابشاھه ( ڊر ) ڊائريڪٽر اطلاعات شھيد بينظير آباد ڊويزن شفيق حسين ميمڻ سان سندس  ڀاڄائي جي لاڏاڻي تي شھيد بينظير آباد آفيس جي آفيسرن توڙي عملي، صحافين ۽ ٻين پاران سندس آفيس ۾ عذرخواهي ڪئي وئي، انھيءَ موقعي تي مرحومہ جي ايثال ثواب لاءِ دعا پڻ گھري وئي.

شاهه سلمان پاران تيونس کي ڪورونا ويڪسين فراهم ڪرڻ جي هدايت

رياض (م ڊ) خادم الحرمين الشرفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز سعودي عرب طرفان تيونس  کي ڪووڊ -19 ويڪسين جون 10 لک خوراڪ فراهمي جي هدايت ڪئي آهي.  سعودي اخبار موجب هن تيونسي صدر پروفيسر  قيس سعيد جي درخواست تي شاهه سلمان امداد  ۽ ريلف مرڪز کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين کان علاوه دوائون ۽ طبي سامان فراهم ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو آهي ته جيئن اهو غريب ملڪ ان موتمار وبا سان منهن ڏئي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.