ميمڻ ڳوٺ پوليس جي چورن جي ٽولي جو اڳواڻ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

کوکراپار (ن ع آ) ميمڻ ڳوٺ پوليس دعوي ڪئي آھي تہ ميمڻ ڳوٺ سميت ملير جي  مختلف علائقن مان موٽر سائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪندڙ ٽولي جي اڳواڻ جميل گبول جيڪو ڪاٺوڙ جو رھائشي ٻڌايو وڃي ٿو ان کي گرفتار ڪري ھن وٽان چوري ۽ ڦر ڪيل 8 موٽر سائيڪلون ۽ ھٿيار ھٿ ڪيا آھن ان سلسلي ۾ ايس ايچ او ميمڻ ڳوٺ خالد عباسي ٻڌايو تہ جوابدار جميل گبول کي گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن تہ سندس ٽولي جي ٻين ساٿين جيڪي ملير جي مختلف علائقن مان موٽر سائيڪلون چوري ڪندا آھن جي ڳولا جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.