لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل پورهيت جي آزادي لاءِ مظاهرو

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي ويجهو ڳڙهي محبت لانگاهه جي رهواسين مارڪيٽ پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت اسلم پرويز لانگاهه  جي آزاديءَ لاءِ ڊي آءِ جي آفيس ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت جي ڀاءُ زين لانگاهه پنهنجي ڀاءُ علي مراد، گهر واري عاليه، ڀاڄائي نور جهان، مامي الهه وڌايو لانگاهه ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته اسان 15 سال اڳ چاچي شاهنواز لانگاهه کان ڳوٺ ۾ 2 لک روپين عيوض 2 جريب زرعي زمين خريد ڪئي هئي، جنهن مان کيس هڪ لک 85 هزار روپيا ڏئي چڪا آهيون ۽ 15 هزار روپيا چاچي جا اسان ڏي رهيل هئا. هن الزام لڳايو ته سئوٽن سعيد ۽ عمران لانگاهه وارن بااثر ذوالفقار شر جي چرچ تي ڪجهه سال اڳ زرعي زمين اسان کان کسڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهڙو فيصلو منٺار ککراڻي وٽ ٿيو جنهن ۾ منهنجي ڀاءُ اسلم پرويز کي ساک کنئي جنهن تي اهڙو فيصلو اسان جي حق ۾ ڏنو ويو.  جڏهن ته 8 مهينا انهن زرعي زمين واپس ڪرڻ لاءِ ڀاءُ پرويز اسلم مٿان حد جي آريجا ڦيڙهو ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ان تي اسان معظم علي عباسي وٽ فيصلو رکرايو پر هو چار ڀيرا ڪو نه آيا جن معاملي کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو چيو هو جن ٺاهه ڪرڻ بجاءِ 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ اسلم پرويز لانگاهه کي پوليس گم ڪيو آهي، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي نوٽيس وٺي ڀاءُ کي آزاد ڪرائن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.