روس : روبل جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي مٽا سٽاوري شرح مستحڪم، يورو ۾ گهٽتائي

ماسڪو (م ڊ) فاريڪيس مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي شروعات تي روبل جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي مٽاسٽا واري شرح  مستحڪم رهي جڏهن ته يورو جي مٽا سٽا وري شرح ۾ گهٽتائي آئي،ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن واپاري سرگرمين جي شروعات دوران روبل جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي مٽا سٽا واري شرح بنا ڪنهن تبديلي جي 74.44 روبل في ڊالر رهي، روبل جي ڀيٽ ۾  يورو جي مٽا سٽا وري شرح 13 ڪوپيڪس جي گهٽتائي سان 88.2 روبل في يورو رهي.

ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا ۾ چوٿين ٽي 20 ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

اسلام آباد (م ڊ) ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ۾ چوٿين ٽي20 انٽرنيشنل ميچ( سڀاڻي) خميس تي ڊيرن سيمي اسٽيڊيم،گراس آئليٽ ۾ کيڏي ويندي، ويسٽ انڊيز کي ڪنگروز خلاف پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0_3 جي سرسي حاصل آهي،ميزبان ٽيم ويسٽ انڊيز پهرين ميچ ۾ آسٽريليا کي 18 رنسن،ٻئي ميچ ۾ 56 رنسن ۽ ٽئين ميچ ۾ 6 ووڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، ٻنهي ٽيمن وچ۾ سيريز جي چوٿين ٽي20 ميچ 15 جولاءِ جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي 20  ميچ 17 جولاءِ تي کيڏي ويندي،  سموريون ميچون ڊيرن سيمي نيشنل اسٽيڊيم،گراس آئليٽ ۾ کيڏيون وينديون.

انٽرنيٽ بيڪنگ ٽرانزيڪشنز جي ماليت ۾109 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد (م ڊ) گذريل مالي سال جي ٽئين ٽه ماهي ۾ انٽرنيٽ بيڪنگ ٽرانزيڪشن جي ماليت ۾ 109 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي،  اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي ٽه ماهي رپورٽ موجب گذريل مالي سال ۾ جنوري کان مارچ 2021 دوران انٽرنيٽ بينڪنگ ٽرانزيڪشنز جي ماليت 1.5 کرب روپين کان  وڌي وئي.  جڏهن ته مالي سال 2020 ۾ جنوري کان مارچ  دوران انٽرنيٽ بينڪاري ٽرانزيڪشنز جي ماليت 0.75 کرب روپيا رهي هئي، اهڙي ريت مالي سال 2020 جي ٽئين ٽه ماهي جي ڀيٽ ۾ گذريل مالي سال جي ان عرصي دوران انٽرنيٽ بينڪنگ ٽانزيڪشنز جي ماليت ۾ 0.76 کرب روپيا يعني 109 سيڪڙو اضافو ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، واضع رهي ته جنوري کان مارچ 2021 ۾ ٽرانزيڪشنز جو تعداد 24.5 ملين تائين وڌي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.