سنڌ يونيورسٽي ءَ ۾ پي ايڇ ڊي۾ داخلائن لاءِ انٽرويوز جو شيڊول تبديل

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار عالماڻي پنهنجي هڪ  پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته خراب موسمي حالتن سبب تعليمي سال 2021ع تحت پي ايڇ ڊي (ايجوڪيشن) ۾ داخلا جي خواهشمند اميدوارن جا 15 جولاءِ تي اعلانيل انٽرويوز ري شيڊول ڪري 26 جولاءِ 2021ع تي رکيا ويا آهن.  پي ايڇ ڊي (ايجوڪيشن) ۾ داخلا جا خواهشمند اميدوار هاڻي 26 جولاءِ تي ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد ۾ واقع فئڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين آفيس صبح جو ڏهين بجي پهچي وڃن.

ڪورونا ويڪسين لڳرايو، جوهي ۾انتظاميا پاران پڙهو

جوهي  ( ن ع آ   ) سنڌ  حڪومت جي هدايتن تي ڪورونا کان بچاء لاء وئڪسين لازمي قرار ان سلسلي ۾ ايم ايس جوهي  ڊاڪٽر زبير احمد پنهور, مختيار ڪار جوهي ڊي ايس پي جوهي  پوليس روينيو صحت کاتي جو  عملو ساڻ ڪري رڪشه تي لائوڊ اسپيڪر ذريعي شھر جو گشت ڪندي اعلان ڪرايو ته سڀاڻي اڄ  کان پوء شھر اندر ڪاروبار ڪندڙن  دڪاندارن ڪارخانيدار ٽرانسپورٽر ۽ ٻين کي آگاه ڪيو ته ڪورونا کان بچاء لاء ھيلٿ کاتي جوهي جون موبائل وئڪيسن ٽيمون اينديون اين آء سي ڪارڊ پاڻ سان ضروري هجي ڪورونا (وئڪسين)  ٽڪا هنيا ويندا نه ھڻائيندڙ جو قانون موجب ڪاروبار سيل ڪيو ويندو.

سنڌ يونيورسٽي ءَ ۾ ٻن اسڪالرن جا ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي سيمينار سڀاڻي ِ تي ٿيندا

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٻن اسڪالرن جا ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا فائنل سيمينار 15 جولاءِ تي منعقد ٿيندا، جنهن ۾ اسڪالر پنهنجي ٿيسز جو دفاع  ڪندا. ڪامرس جو پي ايڇ ڊي اسڪالر عظيم اختر ڀٽي پنهنجي ٿيسز جو پبلڪ ڊفينس 15 جولاءِ تي انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس ۾ ڪندو.  ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو سيمينار جي صدارت ڪندو. جڏهن ته سندس سپروائيزر ڊاڪٽر عاشق علي جهتيال ۽ ڪو سپروائزير ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر ۽ ڊاڪٽر عبدالعزيز ميمڻ پڻ موجود هوندا. سندس ٽاپڪ “مارڪيٽ جي منافع بخش پاليسي ۽ ان جا اثر: 2007ع کان 2016ع دوران پاڪستان جي مالياتي شعبي جو هڪ جائزو” آهي. ٻئي طرف فارماڪولاجي جي ايم فل اسڪالر رابعه لاشاري جي ايم فل جو فائنل سيمينار به 15 جولاءِ تي فئڪلٽي آف فارميسي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ٿيسز جو دفاع ڪندي. اسڪالر رابعه لاشاري جي سپروائيزر گيتا ڪماري ۽ ڪو سپروائزير محمد اڪرم کتري آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.