نارو ۾گئس ڪمپني خلاف احتجاجي ڪيمپ تي چڙهائي، احتجاج ملتوي

نارو ( رپورٽ : عاشق حسين سهتو ) گئس ۽تيل جي رڪارڊ پيداوار ڏيندڙ نارا تعلقي جا رهواسي يو ئي پي گئس فيلڊ انتظاميان جي مبينا ڏاڍ خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن جڏهن ته گئس فيلڊ انتظاميان  پنهنجي ڏاڍ ۽ ھوڏ تي قائم آهي گئس فيلڊ جي مين گيٽ آڏو استادن.شاگردن.سول سوسائٽي جي ماڻهن جو حقن جي حاصلات لاء ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو جاري آهي جڏهن ته رات دير سان گئس فيلڊ اڳيان احتجاجي ڪئمپ تي ويٺل استادن مٿان کينهواري پوليس جي اهلڪارن  مبينا چڙهائي ڪري ڪئمپ کي هٽائڻ لاء داٻا ڏنا ۽ استادن پاران ڪئمپ هٽائڻ کان انڪار تي پوليس اهلڪارن گل بيگ لغاري ۽ ٻين استادن سان منهن ماري ڪئي وئي آهي جڏهن ته استادن دادلو سهتو.الطاف ڀنڀرو.محبوب شر.صدرالدين ابڙو ۽ ٻين سخت احتجاج ڪيو ان موقعي تي هنن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان پنهنجي حقن جي حاصلات لاء يو ئي پي گئس فيلڊ انتظاميه خلاف پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون جنهن کينهواري پوليس گئس فيلڊ انتظاميان جي چرچ تي اسان جي احتجاجي ڪئمپ تي چڙهائي ڪري ڪئمپ هٽائڻ لاء داٻا ڪيا انڪار تي اسان سان منهن ماري ڪري سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن اسان گئس فيلڊ انتظاميان کي اهو ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اسان اوهان جي اهڙي عمل کان ڊڄڻ وارا ناهيون جيستائين اسان جا مطالبا نه پورا ٿيندا تيستائين احتجاجي مظاهراجاري ۽ بک هڙتالي ڪئمپ قائم رهندي. ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر نارا محمد مراد عباسي ۽ گئس فيلڊ انتظاميان جي آفيسرن استادن جي احتجاجي ڪئمپ تي پهچي استادن جا مسئلا ٻُُڌي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد استادن احتجاج واري سلسلو 16 جولاء تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته استادن پاران مسئلا حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيهر 16 جولاء کان دمادم مست قلندر ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.