نئين بارڻ ۾گند اڇلڻ بند ڪيو، ڄامشوري ۾لوڻي ڪوٽ واسين جو احتجاج

ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌ سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ پاران حيدرآباد, ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو سميت حيدرآباد ڊويزن جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن جو گٽرن جو گند ڪچرو کڻي ڄامشورو جي ڪوهستاني علائقي لوڻي  ڪوٽ ڀرسان نئين بارڻ ۾ اڇلائڻ خلاف علائقي واسين حضور بخش کوسو, علي شير کوسو, مير خان شورو, شير زمان شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ڄامشورو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته سنڌ سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ پاران حيدر آباد, ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو جي مختلف شهرن جي گند ڪچرو کڻي اسان جي ڳوٺن جي پاسي ۾ نئين بارڻ ۾ اڇلايو وڃي ٿو جنهن سبب ڪوهستان جي سوين ڳوٺن کي ان نئين مان پيئڻ لاء ملندڙ پاڻي زهريلو ۽ بدبودار ٿي رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا رهواسي کنگھ, دم ۽ چمڙيء جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهي، هنن چيو ته اسان جو جيئڻ جنجال ڪندڙ سنڌ سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي ان عمل خلاف ڪيترائي ڀيرا ڊي سي ڄامشورو فريد الدين مصطفي’ ۽ ٻين اعلي’ اختيارن کي لکت ۾ شڪايتون پڻ ڪري چڪا آهيون پر ان مان به اڃان تائين ڪو به کڙ تيل نه نڪري سگهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڄاڻايل بورڊ کي ڳوٺن ڀرسان ڪچرو اڇلائڻ کان روڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، آخري ۾ هنن مولانا راشد محمود سومرو ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن کي پڻ اپيل ڪئي آهي ته سندن جي احتجاج ۾ سندن جو ساٿ ڏئي قديمي نئين کي تباهيء کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.