هوسڙي ويجهو گم ٿيل نينگر جو واهه مان لاش هٿ

ھوسڙي )ن ع آ ) ھوسڙي  لڳ گوني واھ مان لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس روايتي سستي جو مظاھرو ڪندي  اطلاع کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو جڏھن ته ھڪ ڏينهن اڳ پنڃاري ٿاڻي جي حد مان 13 ورھين جو سھيل پٽ جان مسيع گم ٿي ويو ھو جنهن جا وارث لاش جا چئو ٻول ٻڌي ھوسڙي  پھتا ته گوني ۾ لڙھندي لاش جو اطلاع ملين مليل اطلاع تي  وارث گوني ڪناري لاش ڳولڻ لڳا ته ھوسڙي  شھر کان ٽي ڪلوميٽر اڳيان ڳوٺ لونگ شورو ڀرسان  وارثن  لاش ڪڍرايو گوني مان نڪتل لاش جي سڃاڻپ  سندس وارثن  13 ورھين جي سھيل پٽ جان مسي  طور ٿي. ٻئي طرف سيري پوليس ۽ ھوسڙي  پوليس حد جو  تڪرار ڄاڻائي لاش ڪڍڻ واري جڳھ تي سيري پوليس اڍائي ڪلاڪ ليٽ پھتي جنهن کانپوء ايمبولينس گھرائي لاش سيول ھسپتال کڻائي وئي جتي ضروري ڪاروائي کانپوء لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.