ڀرياسٽي پوليس همراهه کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀرياسٽي پوليس منگو لنڪ روڊ تي مبينا  ڦر جي  ارادي سان بيٺل ٽن ڦورون سان مقابلو ٿيو. جنهن ۾ ھڪ ڦورو کي زخمي  ڪرڻ جي دعويٰ  ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ زخمي ڦورو کي پهريان ڀريا سٽي بعد ۾ نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب  پي ايم يو اسپتال  منتقل ڪيو  ويو آهي.   مبينا ڦو رو جي سڃاڻپ  غلام رسول جاڳڻ  رند طور ڪئي  وئي آهي ، ڀريا پوليس چيو ته  جوابدار مٿان نوشهري فيروز ۽  ڀريا سٽي ٿاڻن تي  ڦر لٽ  سميت  25  ڪيس داخل ٿيل هئا ، سندس وٽان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل  ھڪ ھٿيار ٽي ٽي پسٽل  پڻ ھٿ آيو،  مقابلي دوران  2 ڦورو فرار ٿي ويا. ڀريا سٽي  پوليس  جي ايس ايڇ او  منير لغاري جو  وڌيڪ چوڻ هو ته  مختلف  هنڌن تي ڇاپا هڻڻ جو سلسلو جاري آهي.  فرار ٿي ويل ڦورون کي پڻ جلد گرفتار  ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.