هالاڻي ۾ بدامني، هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر ، احتجاج

هالاڻي ( ن ع  آ ) هالاڻي  عيد ويجهو ايندئي بدامني جي باهه ٻري وئي هالاڻي لڳ نيشنل هاءِ وي شاهين پمپ وٽان ڪنڊيارو جي رهواسي  فتاح دلبر گانگهرو کان ڏينهن ڏٺي جو ٽن نامعلوم ڦورن هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش چاٻي اڇلائڻ تي سندس کان 35 هزار روڪ  ڦر ڪري فرار متاثر پاران هالاڻي ٿاڻي تي اين سي داخل فتاح دلبر  گانگهرو پريس ڪلب هالاڻي ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته نيشنل هاءِ  وي نوشهروفيروز کان وٺي رسول آباد تائين ڏوهن جو مرڪز بڻجي ويو گاڏين مان ڦرون ، موٽر سائيڪل جون ڦرون ايندڙ ويندڙن کان ڦرون ٿي رهيون آهن ضلعو نوگوايريا بڻيل آهي انتظاميا کي هر ڄاڻ هوندي به  اڻڄاڻ آ ڪو به پڇڻ وارو ناهي،  آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ۽ بدامني تي ڪنٽرول ڪرايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.