اسلام ڪوٽ ڀرسان 2 معصوم ٻارڙيون پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت

اسلام ڪوٽ (ت ر) اسلام ڪوٽ ڀرسان هان ڏاريندڙ  واقعو پيش آيو آهي ٻه معصوم ٻارڙيون کڏي ۾َ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويون آهن ٿرڪول ايريا جي ڳوٺ ٿاهريو هاليپوٽا ۾ ٻه سئوٽ معصوم ٻارڙيون 5  ورهين جي عضما ڌي محمد رحيم ۽ 4 ورهين جي فضا ڌي جيئڻ هاليپوٽو گهر ٻاهران کڏي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويون ٻارڙين کي وارث اسلام ڪوٽ اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ويئي وارثن موجب ٻارڙيون گهر ٻاهران راند ڪندي باٿروم جي ٺهيل کڏي ۾ ڪري پيون پاڙي جي ٻين ٻارن جي رڙين تي اسان وڃي ٻارڙين کي کڏي مان ٻاهر ڪڍيو،جنهن بعد اسپتال کڻي آياسين جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. اسپتال ۾ ماءُ ۽ پيءُ ٻارڙين کي چنبڙي هنجون هاريندا رهيا روڄ راڙو مچي ويو ٻنهي معصوم ٻارڙين جا لاش گهر پهچڻ تي ويتر قهرام مچي ويو ۽ پوري ڳوٺ ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.