غوثپور ۾ گھوٽڪي پوليس خلاف اوڳاهي برادري جو ڌرڻو

غوثپور (رپورٽ: عبدالغفار اوڳاهي) غوثپو گھوٽڪي پوليس پاران ھڪ ھفتو اڳ ڪچي جي علائقي ۾ روپوش جوبدار جي گرفتاري  لاءِ چڙھائي ڪري اوڳاھي برادري جي ڪيترن ئي گھرن کي باھيون ڏيئي ساڙي ڇڏيو ھيو جنھن عمل خلاف اوڳاھي برادري جي محمد زمان ۽ علي اڪبر سيشن ڪورٽ ڪنڌڪوٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ۽ ڪالھه گھوٽڪي ٻنھي ڄڻن کي ڪنڌڪوٽ مان کنڀي کڻي وئي، اھڙي واقعي خلاف ثناءَ الله اوڳاھي، سعدالله اوڳاھي، حبيب الله مختيار اوڳاهي ۽ ٻين اوڳاھي برادري جي ماڻھن ھٿن۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاج ڪندي پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ۽ اڳواڻن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته ناحق گرفتار ڪيل زمان ۽ علي اڪبر ۽ يعقوب اوڳاھي کي ترت رھا ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ھنن چيو ته اھو ڪٿان جو انصاف آھي ته فريادي جو موقف ٻڌڻ کان پھرين کيس کنڀي گم ڪيو وڃي، اسان گھوٽڪي پوليس جون ناجائزيون برداشت نه ڪنداسين، اسان سان انصاف نه ٿيو  ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.