شھدادڪوٽ پوليس کان ڦر ڪيل 5 لک رپيا ھٿ ڪري ورتا

شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر رفيق ڀٽي) شھدادڪوٽ پوليس ڪامياب ڪاروائي ڪندي ھندو واپاري مول چند کان ڦر ڪيل 5 لک روپيا ھٿ ڪري  ورتا، ھڪ ھفتو اڳ نامعلوم ڦورن لک پت روڊ وٽان ھندو واپاري مول چند کان ھٿيارن جي زور تي 5 لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا ھئا، جنهن بعد ڦورن کي ھٿ ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ سمير نور چنا پاران ڊي ايس پي يار محمد رند ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن طفيل احمد احمداڻي کي ٽاسڪ ڏنو ھو جن ڪالھ خوفيا اطلاع تي ھڪ جاء تي ڇاپو ھڻي ڦر ڪيل 5 لک روپيا ھٿ ڪري ورتا, جيڪي ايس پي جي موجودگي ۾  متاثر واپاري حوالي ڪيا ويا,ان موقعي تي عوامي آواز سان ڳالھائيندي ايس ايس پي سمير نور چنا چيو ته عوام جي جان مال جو تحفظ پوليس جي ذميواري آهي جيڪا پوليس نڀائي پئي,ھن چيو ته اقليتي برادري پاڻ کي غيرمحفوظ نه سمجھي پوليس سندن تحفظ کي يقيني بڻائيندي,ھوڏانھن اقليتي برادري جي وفد وشال پلياڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس جي اھڙي ڪامياب ڪاروائي تي ايس ايس پي کي گلن جا ھار پھرايا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.