هوسڙي ۾ 20 ڏينهن کان بجلي بند، شهرين جو ڌرڻو

ھوسڙي (ن ع آ) ھوسڙي  شھر جي شيدي پاڙي جو ويھ ڏينهن کان ٽرانسفارمر نه لڳڻ تي وابڊا وارن ۽ چونڊيل نمائيندن خلاف صابق وائيس چيئرمين ٽاون ھوسڙي  گل محمد سرائي جي اڳواڻي ۾ سيد عرفان شاھ .مظھر  سولنگي .مسمات فتح خاتون . مسمات حاجران ۽ ٻين ھوسڙي موڙ وٽ ٽنڊو محمد خان روڊ تي سخت احتجاج ڪندي ڌرڻون ھڻي ويھي رھيا .احتجاج ڪندڙ اڳواڻن چيو ته شيدي پاڙي جو ويھ ڏينهن اڳ ٽرانسفارمر سڙي ويو ھو جيڪو پنجاھ ھزار روپيا وٺڻ کانپوء وابڊا وارن ٺاھي ڏنو جيڪو صرف ٽي ڏينهن ھلڻ کانپوء وري ڌھماڪي سان سڙي ويو.ھنن چيو ته سڙيل ٽرانسفارمر  ارڙھن ڏينهن گزري ويا پر نه ٺھيو آھي ھنن چيو ته حلقي جي ايم پي اي ۽ ايم اين کي به بار بار چوڻ جي باوجود ھنن ڪو تحرڪ نه ورتو آھي وابڊا وارن جي من مستي تي چونڊيل نمائيندا ۽ سياسي ڪامورا خاموش آھن.ھوڏانھن  احتجاجين وٽ ايس ايڇ او ھوسڙي  پھچي ڳالھيون ڪندي  مسئلو حل ڪرائڻ جي يقين دھاني تي روڊ ايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.