عمرڪوٽ ۾رولو ڪتن 5 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

عمرڪوٽ (  ڊ ر ) هاءِ ڪورث جي حڪم باوجود ڪتا مار مهم شروع نه ٿي سگهي رولو ڪتن جي آزار ۾ مسلسل واڌ ڪتن جي چڪيل  مريضن جي انگ ۾ رڪارڊ واڌارو. اڄوڪي ھڪ ڏينهن ۾ 5 ۽ ٻن ھفتي ۾ رولو ڪتن 55 معصوم ٻارڙن ۽ شهرين کي ڏاڙهي وڌو آهي. سي ايم او عمرڪوٽ آفيس تائين محدوم ڪتا ڪار مهم  مار شروع نه ڪرائي سگهيو شهرين ۾ ڪاوڙ جي لهر ضلعي جي مختلف ٿاڻن سرڪاري فرياد تي يوسي سڪريٽري ۽ ٽائون آفسيرن خلاف 55 کان مٿي ڪيس داخل  ڪيل ڪيسن ۾ رولو ڪتن جي ڏاڙهيل سوين مريضن جو حوالو ڏنو ويو آهي پر ڪتا مار مهم نه هلي سگهي. رولو ڪتن جي ڏاڙهيل مريضن ۾ گيانچند ولد شنتوس ،عرفان ولد رجب، يونس ولد خميسو، محمد بشیر ولد احمد، شوڪت ولد ابراهيم اڄ ھڪ چڪي وڌو آهي ۽ اسڪولي شاگردن جو وڏو انگ شامل سي ايم او عمرڪوٽ تي ڪيس هلندڙ. شهر ۾ رولو ڪتن جا ڪيس تيزي سان وڌڻ باوجود انتظاميه ڪوبه نوٽيس نه ورتو اسڪولي شاگردن سميت معصوم ٻارڙن ۾ خوف ڇانيل

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.